امام بخش خان مير

امام بخش خان ”مير“: خان مير'>امام بخش خان مير، خيرپور جي ٽالپر گهراڻي جو پنجون حڪمران هو ۽ حڪمران مير فيض محمد (پهريون) جو ٽيون نمبر پٽ هو. هو 1860ع ۾ ڄائو. مير امام بخش جا ٻه ڀائر مير غلام علي ۽ مير احمد علي وفات ڪري ويا هئا، ان ڪري پيءُ جي لاڏاڻي کان پوءِ کيس 1909ع ۾ پڳ ٻڌرائي وئي ۽ بعد ۾ سندس تاجپوشي ڪرائي حڪومت سندس حوالي ڪئي وئي. سندس حڪومتي معاملن ۾ ڪو خاص ڌيان نه هو، انڪري سمورو وهنوار سندس وزيرن هلايو. پهريائين سندس وزير تسنيم صادق علي هو، جيڪو روشن خيال ماڻهو هو، جنهن خيرپور ۾ تعليم جو لاڙو وڌايو. سندس وزارت مير امام بخش جي دؤر ۾ ٽي سال هلي. هو 1912ع ۾ وفات ڪري ويو ته امام بخش خان، اها وزارت محمد ابراهيم جي حوالي ڪئي. مير امام بخش جي دؤر حڪومت ۾ سندس صلاح سان خيرپور ۾ لائبرري، جيمخانو، نوان رستا، عمارتون، هنري اسڪول، فئڪٽريون ۽ ٻيا ڪيترائي يادگار ڪم ٿيا. پهرين مهاڀاري لڙائي لڳي ته انگريزن وزير محمد ابراهيم معرفت ميرن کان تمام گهڻي امداد حاصل ڪئي، جنهنڪري انگريزن مير امام بخش کي ”لفٽيننٽ ڪرنل“ جو اعزاز ڏنو.

مير امام بخش شڪار جو شوقين هو ۽ علمي ادارن جي به وڏي مدد ڪندو هو. سندس دؤر ۾ عوام ايڏو خوش نه هو، هن ڇيڙ واري رقم ٻن آنن مان وڌائي ٻيڻي ڪري چار آنا ڪئي ۽ ائين اڳي مزدورن کي مزدوريءَ جا ٻه آنا ملندا هئا ته هن وڌائي چار آنا ڪيا، انڪري مزدور خوش ٿيا. ساڻس وزير محمد ابراهيم ۽ ٻنهي پٽن مير علي نواز ۽ مير غلام عليءَ جي آخري ڏينهن ۾ اڻبڻت رهي. مير طبيعت ۾ تيز هو، ان ڪري انگريزن محمد ابراهيم کي واپس ڪيو ۽ ان جي جاءِ تي نسيم قادرخان وزير ٿيو. آخري ڏينهن ۾ پٽن سان ناراضگيءَ ۾ رهيو ۽ 8 فيبروري 1921ع تي وفات ڪيائين. سندس لاش ڪربلا معليٰ ۾ دفنايو ويو. کيس ٽي پٽ علي نواز خان، علي محمد خان ۽ غلام علي خان هئا .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1860.00.00  عيسوي

امام بخش خان مير 1860ع ۾ ڄائو


1921.02.08  عيسوي

امام بخش خان مير 8 فيبروري 1921ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غنويٰ ڀٽو
قربان علي عباسي
اشتياق انصاري
پير محمد پانڌياڻي
شڪيل
رحم علي جعفري
سڪندر سومرو
رفيق احمد مهيسر
ٿامس هنٽ مورگن
ٽانٽن
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون